شجاع ٺٽوي

شجاع ٺٽوي: شجاع ٺٽويءَ جو اصل وطن شيراز هو. خط نسخ ۽ خط ثلث ۾ کيس ڪمال حاصل هو. سنه 999هه/ 1590ع ۾ ٺٽي ۾ عبدالرحيم خان خانان جي حاضريءَ ۾ پيش ٿيو. خان خانان احمدآباد ۾ وڏو ڪتابخانو (دارالحڪمت) کوليو هو، جنهن جي انتظام لاءِ اهل فن مقرر ٿيل هئا. مثلاً: ملا محمد امين جدول ساز، ملا عبدالرحيم عنبرين قلم، ملا مومن محمد، محمد حسين ڪامي، غني همداني وغيره. شجاع ٺٽوي ترقي ڪري ڪتبخاني جو اعليٰ عملدار مقرر ٿيو. سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪي به علمي ادارا هئا، تن جي نصاب ۾ هن جي ڪوشش سان قرآت، تفسير، حديث ۽ فقھ بابت درسي ڪتاب شامل ٿيا. ان کانسواءِ ٻاهرين اسلامي دنيا سان تعلقات استوار ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪتاب خراسان ۾ لکيا ويا هئا، تن کي وقت جي تبديليءَ سان گڏ مدرسن جي نساب خواه تدريس جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. تهذيب ۽ اخلاق جو سبق پڻ شاگردن ٻين علمن جهڙوڪ: اقليدس، منطق ۽ خوش نويسيءَ جو رواج پيو. مير عبدالباقي تصوف جو ڄاڻو هو ۽ ساڳئي وقت علم قصص جو به ماهر هو. ميرڪ عبدالرحمٰن علم هيئت ۽ حڪمت جو استاد هو. مخدوم فضل الله علمي زيور سان سينگاريل هو. سندس مدرسي ۾ علم دينيات جو درس جاري هو. هن دور ۾ سنڌ جي ماڻهن علم القرآن، تفسير حديث، فقه، منطق، خطاطي، رياضي، هيئت، ۽ اقليدس جهڙن مروج علمن کان ڪافي واقفيت حاصل ڪرڻ سان گڏ چڱي دسترس پڻ حاصل ڪئي ۽ سندن ثقافتي تعلقات ٻاهرين اسلامي دنيا سان سٺا هئا.


لفظ شجاع ٺٽويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو